ٽاڊ جيمز

ٽاڊ جيمز (James Tod ):انگلستان جو ليکڪ ٽاڊ جيمز 1782ع ۾ انگلستان ۾ ڄائو. هو انگلستان مان تعليم حاصل ڪري انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ هندستان آيو. هن 5 سال، 1812ع کان 1817ع تائين گواليار جي ريزيڊنسي ۾ گذاريا ۽ راجسٿان جي باري ۾ وڏي معلومات گڏ ڪئي. هو مغربي راجپوتن جي رياستن جو 1818ع کان 1823ع تائين پوليٽيڪل ايجنٽ رهيو. ان کان پوءِ ٽاڊ جيمز انگلستان هليو ويو، جتي هن کي رائل ايشيائٽڪ سوسائٽي جو لائبريرين مقرر ڪيو ويو. ان دور ۾ هن ”راجسٿان“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو،جيڪو گهڻو مشهور ٿيو. مغربي هند جي سياحت جي سلسلي ۾ هن جو سفرنامو به گهڻو مشهورآهي. ٽاڊ جيمس 1835ع ۾ گذاري ويو.


لفظ ٽاڊ جيمزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1782.00.00  عيسوي

انگلستان جو ليکڪ ٽاڊ جيمز 1782ع ۾ انگلستان ۾ ڄائو


1835.00.00  عيسوي

ٽاڊ جيمس 1835ع ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسو ٻائي
ترون منسکاڻي
حيدر شاهه حقاني رضوي سيد
رابعه قزداري
حڪيم محمد يوسف کتري
انور ابڙو
پونم پاسڪل پرمار
شيخ ابراهيم ڪلهوڙو
خالد ڀٽي
جان الله شاهه عاشق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون